ٻٻر روڏو

ٻٻر روڏو

ٻٻر روڏو

ٻٻر، روڏو/ ڪوري پکي Baya weaver / ploceus philippinus: 15 سينٽي ميٽر جسامت جو هي پکيئڙو سڄي سنڌو ماٿري ۽ پوري هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلا ديش ۾ ٿئي ٿو. لڳ جي مند ۾ هيڊو مٿو، ڪنن ۽ ڪنڌ تائين گهرو ناسي هوندو آهي. هن جي چهنب ڪارسري ناسي ٿيندي آهي. پٺي عام طور ناسي ڀوري ٿئيس. هن جي جسم تي ڪارا ناسي هيڊا ۽ ڀورا لينگها ٿين ٿا. ٻولي نرم ’چِٽ .. چِٽ .. چِٽ‘ اٿس، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ سيٽي دار ’چِيڪ .. ي ..ي‘ ڪندو آهي ان جو سڏ ’چِٽ چِٽ چِٽ‘ آهي. اناج جي فصلن کي وڏو نقصان رسائي ٿو. هڪ لحاظ کان فائديمند به آهي ته فصلن جا جيت کائي ٿو. خاص ڪري ٻچن کي نپائڻ وقت زمين تي ڪريل ٻجن ۽ خوراڪ جي کوج ۾ ٽپا ڏيندو نظر ايندو آهي. يا وري گاهن جي سنگن تان ٻج چڳندو آهي. پڇ اڪثر لوڏيندو رهندو آهي. هي پکي سياري ۾ مقامي طور رلندا رهندا آهن ۽ روايتي جاءِ تي گڏجي آرام ڪندا آهن، نر آکيرا جوڙڻ مهل گڏجي وڏو شور ڪندا آهن، جنهن مان سندن جوش خروش صاف ڏسبو آهي. ٻَٻر يا ”ڪوري پکي“ پنھنجو آکيرو باقاعدي اُڻندو آھي، ان ڪري ئي مٿس اھو نالو پيو آھي. اهو پکي پوکن، ساريال، گاهه جي ميدانن، وڻن ۽ تِمر ۾ رهي ٿو. مارچ کان آڪٽوبر ۾ لڳ ڪري ٿو، پر ان جو دارومدار چؤماسي تي آهي. هي پکي مُرليءَ جهڙو آکيرو ٺاهيندو آهي، جنهن ۾ هيٺان کان ٽيوب جهڙو لنگهه اچڻ وڃڻ لاءِ ٿئي ٿو. اهو ٽنگيل آکيرو ڪنهن اڪيلي وڻ جي ٽاريءَ جي آخري ڇيڙي تي ٻڌل نظر ايندو آهي .
ٻَٻر/ روڏي پکيءَ جو آکيرو به عجيب ھوندو آھي. نَر ٻَٻر برسات جي مند ۾ گڏجي پنھنجا آکيرا ٺاھيندا آھن. ٻن ڪمرن وارا آکيرا ڏاڍي مھارت سان ٺاھيا ويندا آھن، ھڪ ڪمرو ٻئي جي مٿان ھوندو آھي. جڏھن آکيرا تياريءَ کي ويجھا ايندا آھن تڏھن مادين جو ولر اچي آکيرن جو معائنو ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن ماديءَ کي ڪو آکيرو مناسب لڳو ته، اھا ان ۾ رھي پوندي آھي. ان کانپوءِ نَر پکي آکيرو مڪمل ڪري، ٻيو ٺاھڻ شروع ڪندو آھي. جيڪڏھن ھُو ٻه يا ٽي آکيرا ٺاھي سگھيو ته ھن کي ٻه يا ٽي زالون ملي وينديون .
هي پکي ڪراچيءَ کان اتر پنجاب تائين، ۽ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ به ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو